رفيق عيساڻي

رفيق عيساڻي

رفيق عيساڻي

رفيق عيساڻي: اسٽيج، فلم، ريڊيي ۽ ٽي وي جي مشھور اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار رفيق عيساڻي 7 اپريل 1966ع تي دڙي شھر، ضلعي سجاول ۾ محمد يوسف ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم دڙي ۽ سجاول مان حاصل ڪرڻ بعد ايم. اي (سوشيالاجي) سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪئي. اداڪاري جي شروعات 1987ع ۾ دڙي ۾ ٿيل اسٽيج ڊرامي ”واسينگ جو وير“ کان ڪئي. 7 اپريل 1993ع تي ثقافتي تنظيم ڀٽائي آرٽس ڪائونسل، دڙو جو بنياد رکيو ۽ ان پليٽ فارم تان ساٿي اداڪارن سان گڏجي ڪافي عرصي تائين اسٽيج ڊراما ڪيا. هن ڪجهه سالن بعد ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جو دائرو وڌائي سڄي سنڌ ۾ اسٽيج ڊراما، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪيا آهن. ان کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ مختلف اسٽيج ڊرامن: ”جنھن ڏيئي ۾ تيل ڪونھي“، ”انڪوائري آفيسر“، ”سجائي موڙي“، ”ڏڪار“، ”دودي سومري جو موت“، ”عمر مارئي“، ”مومل راڻو“، ”ليلا چنيسر“، ”وتايو فقير“، ”موکي ۽ متارا“، ”نوري ڄام تماچي“، ”سمبارا“، ”روپلو ڪولهي“، ”ٺٽو ننگر“، ”ميرا ماڻهو اجرا من“، ”مٺو زهر“، ”سھڻي“، ”نياڻي نماڻي“، ”قسم تنھنجي رت جو“، ”قانون سڀني لاءِ“، ”جياپو“، ”اڌ ايمان“، ”پرورش“، ”خوشحالي ڪا سفر“، ”امن کا سورج“، ”يه آگ ڪب بجهي گي“ ۽ ”گهبرانه نھين“ سميت 970 کان مٿي ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪري چڪو آھي. ان کان علاوه پي ٽي وي (PTV) تي نشر ٿيل سندس ڊرامن ۾: ”ڪٺ پتلي“، ”گهٽن“، ’’ميري درد ڪو جان لو‘‘، ”بند راستي“، ”لياري ايڪسپريس“، سنڌي ناٽڪ روبرو“، ”نوري“، ”گل ڇنو گرنار جو“ ۽ ”دل ۽ دنيا“ شامل آهن. جڏهن ته ڪي ٽي اين (KTN) تي ”گنھگار“، ”فاصلا“، ”دام“، ”آخري ميار“، ”واچوڙو“، ”گونج“، ”زندگي“، ”گهر بي گهر“، ”ڪني آڱر“، ”ستاوڙو“، ”تماشو“، ”سازش“، ”نصيب“، ”اناڙي“، ”حياتي صدائون“، ”انڌاري“، ”پريت جا پند“ ۽ ٻيا ڊراما نشر ٿي چڪا آهن. سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ مھراڻ ٽي وي تي به ڪيترائي ڊراما سيريل ڪري چڪو آھي. ان کانسوا هن اردو فلم ”مسٽر فرائي ڊي“، ”ڪڊنيپ“، ڪي ٽي اين جي فلم ”ڍولڻ جاني“، ”ٽڪراء“، ”رت جا رشتا“، ”دو ناليءَ“، ”طلاق“، ”شيرو“، ”تقدير“، ”منھنجو پيار پڪاري“، ”دشمني“ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو آھي. ريڊيو پاڪستان تي ”دولھه دريا خان“، ”احمد شاهه ابدالي“، ”اميدن جي دنيا“، ”سر مارئي“، ”شڪايت“ ۽ اردو ڊرامي ”حوصله جوان“ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ملڪ جي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي مالي سھڪار سان اسٽيج ٿيٽر پيش ڪيا آهن. رفيق عيساڻي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل، سنڌ جو صدر آھي، جنھن جي پليٽ فارم تان اداڪارن، فنڪارن، قلمڪارن اديبن ۽ شاعرن سان انھن جي زندگيءَ ۾ رهاڻيون رچائڻ، وفات ڪري ويلن جون ورسيون ملھائڻ ۽ ليکڪن جي ڪتابن جا مھورتي پروگرام ڪرائيندو رهي ٿو.کيس مڃتا طور لاتعداد اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. هن وقت حيدرآباد آرٽس ڪائونسل جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، ان جي ڊرامه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ۽ آل پاڪستان آرٽسٽ ايڪويٽي سنڌ جو سيڪريٽري جنرل پڻ آھي. جنھن جي پليٽ فارم تان 2021ع ۾ صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪري آرٽسٽن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ بنيادي مسئلا پيش ڪري چڪو آهي.


لفظ رفيق عيساڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.04.07  عيسوي

معروف اداڪار رفيق ولد محمد يوسف عيساڻي ميمڻ، 7 اپريل 1966ع تي دڙي شهر ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانڪ ميان فضل علي
زنگي خان ٽالپر
سيد محمد عالم شاهه شيرازي
آصف قاضي
جاويد ٽاڪاڻي
تورپيو مسڻ
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
پير کٿوريو
تهمينه سومرو
ڀٽي نظام الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون